راهون پنڌ پيون

راهون پنڌ پيون

راهون پنڌ پيون

راهون پنڌ پيون (ڪتاب): هي ڪتاب سنڌ- هند جي برک شاعر نارائڻ شيام جي غزلن جو مجموعو آهي، جنهن کي سنڌ ۾ مصطفى نانگراج ترتيب ڏنو آهي. هن ڪتاب ۾ نارائڻ شيام جي مختلف ڪتابن ۾ ڇپيل غزلن کي سهيڙي ڪتابي شڪل ڏني وئي آهي. ڪتاب جي ابتدا ۾ غزلن جي فهرست ڏني وئي آهي، ڪتاب ۾ نارائڻ شيام جا 413 غزل شامل آهن. ڪتاب جي آخر ۾ غزلن جي ڏسڻي به ڏنل آهي، جنهن ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ڪهڙو غزل، ڪهڙي ڪتاب، جي ڪهڙي صفحي تي آيل آهي، ڏسڻيءَ ۾ ڪتابن جي ڇپجڻ جا سال به ڏنا ويا آهن. ڪتاب جي بئڪ ٽائيٽل تي نارائڻ شيام جو تعارف ڏنل آهي. 447 صفحن تي مشتمل ڊيمي سائيز جي پڪي جلد جي هن ڪتاب کي روشني پبليڪيشن ڪنڊياري 1998ع ۾ شايع ڪري پڌرو ڪيو، جنهن جي قميت 200 روپيا آهي.


هن صفحي کي شيئر ڪريو